ميرپورخاص(بيورو رپورٽ) پوليس کاتي ۾ ميرٽ لسٽ ۾ اميدوارن سان ٿيل مبينا ناانصافين خلاف پاڪستان دراوڙ اتحاد طرفان 71 اميدوارن ھاءِ ڪورٽ ميرپورخاص پٽيشن داخل ڪرائي وئي، ڪورٽ ٻاهران  صحافين سان ڳالھائيندي اميدوارن سميرا، دليپ، وقار علي، طارق حسين، امين، وحيد، فھيم، وسيم ۽ ٻين چيوته پوليس ڀرتين ۾ سراسر ميرٽ جي لتاڙ ڪئي وئي آھي، جڏهن 90 کان 80 وڌيڪ مارڪون کڻندڙ اميدوارن کي ويٽنگ لسٽ ۾ رکيو ويو آهي، 40 کان مٿي مارڪون کڻندڙ اميدوارن کي فائنل لسٽ ۾ رکيو ويو آھي، جيڪا سراسر زيادتي آھي، ھنن چيوته ويٽنگ لسٽ ۾ رکڻ جو مقصد لولي پاپ ڏيڻ آھي، ھنن وڌيڪ چيو ته جڏهن ته سڄي سنڌ جي جنرل لسٽ ۾ اقليت جي ھڪ  به اميدوار جو نالو آھي، صرف منارٽي ڪوٽا تحت مخصوص اميدوارن جا نالا لسٽ ۾ آيا آھن، ميرٽ جي لتاڙ خلاف اسان ڪورٽ ۾ پٽيشن داخل ڪرائي آھي، ڇاڪاڻ ڪورٽن مان انصاف جي اميد آھي، ھنن صوبائي گھرو وزير کان پرزور مطالبو ڪندي چيو ته فوري طور معاملي جو نوٽيس وٺي ويٽنگ لسٽ ۾ جن اميدوارن جا نالا آھن انھن کي فائنل لسٽ ۾ آڻي اميدوارن سان انصاف ڪيو وڃي.