ڄامشورو/ڪراچي(رپورٽر+اسٽاف رپورٽر) منشيات منتقلي ۾ پوليس آفيسرن جي ملوث هجڻ انڪشاف ٿيو آهي ڪسٽم اختيارين پاران ايم نائن موٽر وي تي منشيات سمگلنگ منصوبي کي ناڪام بڻائي ڊي ايس پي ميرپورخاص ڪريم جيلاني کي منشيات سان ڀريل ڪار سميت سوگھو ڪري ورتو. ڪسٽم ذريعن موجب ڊي ايس پي ڪريم جيلاني منشيات سان ڀريل ڪار ۾ منشيات کڻي ڪراچي کان حيدرآباد طرف اچي رهيو هو ته ڪارروائي ڪندي کيس گرفتار ڪيو ويو جوابدار وٽان لکين رپين جي ماليت جي صحت لاءِ هاڃيڪار سوپاري ۽ ٻي منشيات هٿ ڪئي وئي ذريعي ٻڌايو آهي ڪسٽم اختيارين ڊي ايس پي کان جاچ لاءِ کيس نامعلوم هنڌ منتقل ڪري ڇڏيو آهي. ٻئي طرف سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ميرپورخاص ۾ پي ڊي ايس پي ڪريم جيلاني جي منشيات ۾ ملوث هجڻ واري معاملي جو نوٽيس وٺندي آءِ جي سنڌ کي حڪم ڏنو آهي ته يونيفارم ۾ ڏوهه ڪندڙ پوليس آفيسرن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي وڃي. وڏي وزير چيو ته مون کي اهڙا آفيسر کپن، جيڪي عوام جي جان مال ۽ عزت جي حفاظت ڪرڻ جو جذبو رکن ٿا، پي ڊي ايس پي ڪريم جيلاني خلاف فوري انڪوائري شروع ڪئي وڃي.