ميرپورخاص(بيورو رپورٽ) ميرپورخاص ويجھو ايسٽ جمڙائو تي بيٽ مٺو ماڇي کان ڊائون ۾ انجنيئر اختر خاصخيلي جو ڇاپو غيرقانوني طور 200 فٽ جو جمڙائو واھ مان لڳل ھيوي پائپ ھٿ ڪري  پنهنجي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو آهي، جڏهن ته علائقي ۾ چئوٻول آهن ته داروغي منير ناريجو ۽ ايس ڊي او عاصم شيخ تي ڳري رشوت وٺي پائپ لڳائي پاڻي چوري ڪرايو پئي ويو،  ھوڏانھن پاڻي جي شديد کوٽ ۽ منڍ ۾ عملي پاران رشوت عيوض پاڻي چوري ڪرائڻ  تي علائقي واسين سميت متاثر پڇڙي جي آبادرن ۾ ڪاوڙ واري لھر ڇانيل آھي ھنن ڊائريڪٽر نارا ڪئنال ۽ انجنيئر جمڙائو کان فوري طور ان معاملي جي شفاف جاچ ۽ ملوث عملي خلاف قانوني ڪارروائي جي گھر ڪئي آھي.