ميرپورخاص(بيورورپورٽ) ميرپورخاص جي غريب آباد ٿاڻي جي حد پاڪ ڪالوني جي ٽريڪٽر مارڪيٽ ۾ خريد ڪيل ٽريڪٽر جي قسط جمع ڪرائڻ لاءِ آيل لشڪر شاھ جي رھواسي زميندار خان محمد خاصخيلي کان موٽر سائيڪل تي سوار 2 ھٿياربند 15 لک رپيا ڦر ڪري فرار ٿي ويا. واقعي جو اطلاع ملڻ تي پوليس پھچي ڦرجي ويل زميندار کان تفصيل ورتا، جنھن ٻڌايو ته ھو مقامي نجي بينڪ مان پئسا ڪڍرائي مارڪيٽ جي ڀرسان پھتو ته پيڇو ڪندڙ ھٿياربند کيس يرغمال بڻايو ۽ رقم ڦر ڪري فرار ٿي ويا، ٻئي طرف پوليس ڦر واري واقعي جا سي سي ٽي وي فٽيج پڻ حاصل ڪري ورتا آھن، جن ۾ جوابدارن کي ڦر ڪندي نظر اچي رھيا آھن.ان موقعي تي پوليس موجب سي سي ٽي وي فوٽيج زريعي جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڪوششون شروع ڪري ڇڏيون آهن جلد گرفتار ڪيا ويندا.