ميرپورخاص: منشيات عادت ڇڏائڻ لاءِ قائم سينٽر تي نوجوان فوت: تشدد ڪري قتل جا الزام

0
30
ميرپورخاص: منشيات عادت ڇڏائڻ لاءِ قائم سينٽر تي نوجوان فوت: تشدد ڪري قتل جا الزام
ميرپورخاص: منشيات عادت ڇڏائڻ لاءِ قائم سينٽر تي نوجوان فوت: تشدد ڪري قتل جا الزام

ميرپورخاص(بيورو رپورٽ)ميرپورخاص ۾ منشيات جي عادت ڇڏائڻ لاءِ سينٽر ۾ نوجوان فوت، مٿس تشدد ٿيڻ جي تصديق،شهر جي غريب آباد واري علائقي ۾ منشيات جي عادت ڇڏائڻ لاءِ جوڙيل ميڊيڪل سينٽر ۾ 33 سالن جو نوجوان وسيم شيخ فوت ٿي ويو،  جنھن جو لاش سول اسپتال نيو ويو، جتي ڊاڪٽرن جي شروعاتي پوسٽ مارٽم رپورٽ موجب نوجوان جي جسم تي تشدد جا نشان موجود ھئا. ان ڏس ۾ سينٽر ھلائيندڙ محمد علي شر ٻڌايو ته سندن ادارو سوشل ويلفيئر ڊپارٽمينٽ وارن وٽ رجسٽرڊ آھي، ۽ ھن اداري ھلائڻ ۾ سندس فيض محمد بلوچ نالي شخص پارٽنر پڻ آھي. ھن ٻڌايو ته ھو پاڻ به اڳ ھيروئن پيئندو ھو، جنھن بعد ھن بينڪ جي نوڪري تان به استعيفيٰ ڏئي ڇڏي ۽ ھاڻ ھن منشيات جي عادي نوجوانن کان اھا عادت ڇڏائڻ لاءِ سينٽر جوڙيو آھي، جتي ھڪ نفسيات جو ڊاڪٽر اچي مريضن کي چيڪ ڪندو آھي ۽ دوائون تجويز ڪندو آھي.ھن چيو ته جيڪو نوجوان فوت ٿي ويو آھي، ان کي سندس وارث ئي ھتي ڇڏي ويا ھئا جن بعد ۾ سندس ڪا به سار نه لڌي ۽ کيس ڪپڙا به نه موڪليندا ھئا، جنھن ڪري ھن ڪاوڙ ۾ اچي واش روم ۾ پيل صابڻ کاڌو آھي، جنھن سبب سندس طبيعت خراب ٿي ۽ ھو سلپ ٿي ھيٺ ڪري پيو. ھن وڌيڪ سينٽر ۾ لڳل سي سي ٽي وي ڪيمرائن بابت ٻڌايو ته ڪيمرائون ھلن ٿيون پر انھن جو وٽن ڪو بيڪ اپ ناھي ٺھندو، جنھن وسيلي رڪارڊ ٿيل وڊيو ڏسي سگھجن.

سينٽر ۾ ماڻهن کي تشدد جو نشانو بڻايو ويندو آهي: شوڪت

ميرپورخاص: سينٽر ۾ منشيات جي عادي طور رکيل ھڪ ھمراھ شوڪت خاصخيلي ٻڌايو ته ھتي سينٽر ۾ رکيل ماڻھن تي جسماني تشدد ڪيو وڃي ٿو، سندن ھٿ پير ٻڌي لتن ۽ مڪن سان ماريو وڃي ٿو. ھن چيو ته جيڪو نوجوان فوت ٿيو آھي، ان تي به گذريل رات ھٿ پير ٻڌي تشدد ڪيو ويو ھو، جنھن سبب ھو فوت ٿيو آھي.

وسيم جي جسم تي نشان موجود هئا، پوليس ڪيس داخل نه ٿي ڪري: وارث

ميرپورخاص: فوتي نوجوان جي مامي ٻڌايو ته وسيم جي جسم تي نشان موجود ھئا، ھو پوليس وٽ ويا پر سندن ڪيس داخل نه پيو ڪيو وڃي، هن مطالبو ڪيو ته جاچ ڪرائي وڃي.

اسان جو اهڙي ڪنهن به سينٽر سان واسطو ناهي: ڊي ايچ او امجد اعظم

ميرپورخاص: ڊي ايچ او امجد اعظم سريوال ٻڌايو ته ھنن جو اھڙي ڪنھن به سينٽر سان واسطو ناھي، جيڪڏھن اھڙو ادارو غير رجسٽرڊ آھي ته ان خلاف ڪارروائي ڪرڻ ھيلٿ ڪيئر ڪميشن جي ذميواري آهي،