ميرپورخاص(بيورورپورٽ)ھڪ ھفتو پھريان دين اسلام کان متاثر ٿي قادياني مذهب تبديل ڪري مسلمان ٿيڻ بعد شريعت موجب شادي ڪرڻ تي مائٽ سخت مڇرجي پيا آهن زندگين کي خطرو آهي تحفظ فراهم ڪيو وڃي اھڙو اظھار ٽنڊوالھيار ضلعي جي بشير آباد واسڻ فاطما پنھجي مڙس محمد انصار پنھور سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪئي، ناري فاطمه وڌيڪ چيو ته مائٽ قادياني آھن جڏهن ته مون کي شروع کان دين اسلام سان محبت آھي جنھن ڪري ھڪ ھفتو پھريان سامارو م گلزار خليل مدرسي ۾ اسلام قبول ڪرڻ بعد شريعت موجب محمد انصار پنھور سان شادي ڪئي آھي جڏهن ته اھڙي عمل تي منھجو ڀاءَ عمير احمد سندس دوست ۽ ٻيا مائٽ اسان ٻنھي جي زندگين جا دشمن بڻجي ويا آهن، اسان ٻنھي کي قتل ڪرڻ چاھين ٿا.،منهنجي مڙس ۽ سندس مائٽن مٿان منھجي اغوا جو ڪيس داخل ڪرڻ لاءِڪوشش ڪري رھيا آھن، مون پنھنجي رضا خوشيءَ سان اسلام قبول ڪرڻ بعد انصار پنھور سان شريعت موجب شادي ڪئي آھي، جڏھن ته خوف سبب اسان دربدري واري زندگي گذارڻ تي مجبور بڻيل آھيون جڏهن ته نوجوان انصار پنھور چيو ته شريعت موجب شادي ڪرڻ بعد زال جي ڀاءَ ۽ سندس مائٽن اسان ٻنھي جو جيئڻ جنجال بڻائي ڇڏيو آهي شادي شده جوڙي آئي جي سنڌ ، ڊي آئي جي ، ايس ايس پي ميرپورخاص سميت وسوارن اختيارين کان مطالبو ڪندي چيو ته معاملي جو نوٽيس وٺي زندگين کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي ته جيئن خوشي سان آزاد زندگي گذاري سگھون