ميرپورخاص (بيورو رپورٽ) ميرپورخاص سول اسپتال ڪروڙين رپين جي بجيٽ باوجود عوام لاءِ بي لاڀ بڻيل، سھولتن جي اڻھوند ۽ عملي جي لاپرواهيءَ سبب 2 گلن جھڙا  معصوم ٻارڙا حياتيون وڃائي ويٺا. تفصيل موجب گذريل رات کاھي واسي ڳورھاري عورت کي ڊليوري لاءِ سول اسپتال ميرپورخاص آندو ويو ته سھولتن جي اڻھوند جو چئي عملي پاران کيس حيدرآباد ريفر ڪيو ويو. ڳورھاري عورت حيدرآباد ويندي سفر ۾ ٽول پلازا لڳ ٻار کي ايمبولينس ۾ جنم ڏنو ۽ 1122 ايمبولينس عملي طبي امداد بعد ڳورهاريءَ کي واپس اسپتال داخل ڪرايو. اسپتال ۾ سھولتن جي اڻھوند ۽ عملي جي لاپرواهيءَ سبب ٻارڙو فوت ٿي ويو. سندس وارثن اصغر سولنگي پنھنجي اخبار کي ٻڌايو ته سول اسپتال ميرپورخاص جي گائني وارڊ سميت ڪنهن به شعبي ۾ علاج جون ڪي به سھولتون ناھن. ڳورهاريءَ کي بغير طبي چڪاس جي حيدرآباد ريفر ڪيو ويو. رستي ۾ عورت پاڻمرادو ٻار کي جنم ڏنو، واپس اسپتال پهچڻ باوجود ٻارڙي جو علاج نه ڪيو ويو، جيڪو تڙپي تڙپي فوت ٿي ويو. ٻئي طرف سنڌڙي واسي ھڪ مھيني جي معصوم ٻارڙي کي بخار ھئڻ سبب سول اسپتال داخل ڪرايو جتي علاج جي سھولت نه هئڻ سبب معصوم ٻارڙي روينا ڀيل تڙپي تڙپي فوت ٿي وئي. سندس امڙ لڙڪ لاڙيندي معصوم ٻارڙي جو مڙهه کڻائي اباڻي ڳوٺ رواني ٿي وئي. ھوڏانھن سموري معاملي جي ڄاڻ لاءِ فون ڪرڻ تي ايم ايس شيرو موتي پنھنجي اخبار سان ڳالهائيندي چيو ته سڀاڻي وارڊ جو دوري ڪري صورتحال معلوم ڪندس، باقي ٻن ٻارن جي فوت ٿيڻ جي خبر ناھي.