ميرپورخاص(بيورو رپورٽ) ميرپورخاص جي تعلقي شجاع آباد جي ھڪ ڳوٺ سائين بخش شر جي ڳوٺاڻ کي فراھم ڪيل بجلي جا ڪنيڪشن ڪٽي، ٽرانسفارمر لاھي وڃڻ کانپوءِ بھ ڪاغذن ۾ سندن جعلي طريقي سان سندن ڪنيڪشن بحال ڏيکاري ڳوٺ جي 7 ڄڻن کي اوچتو 29 لک، 33 ھزار 862 رپين جا بل موڪلڻ تي روينيو آفيسر حيسڪو ميرپورخاص ۽ 7 ميٽر ريڊرن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آھي. ڪيس ۾ ڄاڻايو ويو آھي تھ ڳوٺاڻن ابوبڪر شر ۽ ٻين 7 ڄڻن وفاقي محتسب اعليٰ کي دانھن ڏني ھئي تھ حيسڪو جا مقامي عملدار کين ڳرا ڊڊڪشن بل موڪليندا ھئا، جيڪي ڀرڻ سندن وس ۾ نھ ھو، ان ڪري ھنن حيسڪو عملدارن کي اھڙي دانھن بھ ڏني پر 2017ع ۾ سندن ڳوٺ جي بجلي ڪٽي وئي ۽ ٽرانسفارمر لاٿو ويو، جنھن بعد وٽن بِل اچڻ بند ٿي ويا، پر 2024ع ۾ معلوم ڪرڻ تي کين خبر پئي تھ حيسڪو وارا لاڳيتو بند ٿيل بجليءَ وارن ميٽرن تي ھزارين يونٽ بجلي استعمال ڪيل ڏيکاري ھر ھڪ ڳوٺاڻي تي 4_4 لک رپين کان وڌيڪ جي چارجز ڏيکاري ڇڏي ھئي. ايف آءِ اي اختيارين ايف آءِ آر ۾ ڄاڻايو ويو آھي تھ حيسڪو اختيارين جي اھڙي دانھن ڳوٺاڻن وفاقي محتسب اعليٰ کي ڏني ھئي، جنھن کان پوءِ ايف آءِ اي اختيارين خود ڳوٺ ۾ پھچي انڪوائري ڪئي تھ بجلي ڪٽيل ھئي ۽ ميٽر خراب ٿي چڪا ھئا، جيڪي سِيل ڪيا ويا. ايف آءِ اي موجب ڳوٺاڻن جي بجلي 10 نومبر 2017ع تي ڪٽي وئي ۽ آگسٽ 2020ع ۾ روينيو آفيسر جان محمد ساند جي نگرانيءَ ۾ جعلي طريقي سان ڳوٺاڻن جي بجلي ۽ ميٽر ٻيھر ڪاغذن ۾ بحال ٿيل ڏيکاريا ويا ۽ مٿن 29 لک 33 ھزار 862 رپين جي رقم چارج طور مڙھي وئي. ايف آءَ آر ۾ روينيو آفيسر جان محمد ساند، ميٽر سپروائيزر سيد بشير الدين، ميٽر ريڊر سيد فريد، ميٽر ريڊر شمس الدين، ميٽر ريڊر اشفاق علي، ميٽر ريڊر اياز الدين، ميٽر ريڊر شھزاد احمد، ميٽر ريڊر محمد اسحاق کي جوابدار ڄاڻايو ويو آھي. ايف آءِ اي موجب مٿين جوابدارن مان 6 ڄڻن بشير الدين، شمس الدين، اشفاق علي، اياز الدين، سيد فريد الدين ۽ محمد اسحاق کي گرفتار ڪيو ويو آھي. ايف آءِ اي موجب ھن معاملي ۾ ڪمرشل اسسٽنٽ ڪرامت اللھ، ايڊيشنل اسسٽنٽ منيجر محمود احمد، ڪمرشل اسسٽنٽ روينيو محمد جاويد جو ڪھڙو ڪردار رھيو، جيڪڏھن وڌيڪ جاچ ٿي تھ کين پڻ قانوني گرفت ۾ آندو ويندو.ھوڏانھن حيسڪو ترجمان صادق ڪُٻر ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو تھ آھي تھ الزام ھيٺ آيل ملازمن جي ھو پنھنجي طرفان پڻ انڪوائري ڪري رھيا آھن ۽ کين معطل ڪيو ويندو.