ميرپورخاص (بيورو رپورٽ) 14 ڏينھن اڳ ٽنڊوجان محمد ٿاڻي جي حد ڳوٺ جھنڊو ڪلوئي ۾ بااثر زميندار پاران مبينه طور پاڻي ۾ زھر ملائي 282 ٻڪريون مارڻ واري واقعي جو ڪيس داخل نه ٿيڻ خلاف ڪلوئي ۽ لٻاري برادري جي ماڻھن جو پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهروڪري نعريبازي ڪئي، ان موقعي تي متاثر ڳوٺاڻن صدام ڪلوئي، غلام علي، ارشد ڪلوئي، لڇمڻ لٻاري ۽ ٻين صحافين اڳيان دانهيندي چيوته 14 ڏينھن پھريان اسان جو چوپايو مال زميندار حاجي ظھير آرائين جي وونئڻن جي ڀيلاڙي ۾ چرڻ ويو، جنھن تي زميندار ۽ سندس ڪمدار فقيرو ميگھواڙ پاران مڇرجي اتي واٽر ڪورس جي پاڻي ۾ زھر ملائي ڇڏيو، زھريلو پاڻي پيئڻ سبب اسان جون 282 ٻڪريون ٿڏي تي فوت ٿي ويون، جڏهن ته واقعي جو گهرو وزير نوٽيس به ورتو، ان باوجود ٽنڊو جان محمد پوليس زميندار تي ڪيس داخل ڪرڻ لاءِ تيار ناھي، اسان جي فرياد داخل ڪري انصاف ڪيو وڃي.