ميرپورخاص(بيورو  رپورٽ) ميرپورخاص لڳ عمرڪوٽ روڊ تي ٽريڪٽر ٽرالي ۽ موٽرسائيڪل ۾ ٽڪر موٽرسائيڪل سوار نوجوان عورت شريمتي شانتي ڪولھي چيڀاٽجي فوت ٿي وئي، جڏهن ته سندس مڙس ويرسن ڪولھي سخت زخمي ٿي پيو،  اطلاع تي تعلقو پوليس ۽ 1122 جي نوجوانن پھچي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ سول اسپتال منتقل ڪيو، جتي سندس علاج ھلندڙ ھو، ڊاڪٽر پاران سندس حالت نازڪ ٻڌائي پئي وئي، ھوڏانھن فوتي عورت جي لاش کي به سول اسپتال آندو ويو اسپتال ۾ ليڊي ڊاڪٽر نه ھئڻ سبب 5 ڪلاڪ لاش پوسٽ مارٽم لاءِ پيل رھيو ۽ وارث لاش وصول ڪرڻ لاءِ دانهون ڪندا رھيا، 6 ڪلاڪن بعد لاش ضروري ڪارواين بعد وارثن حوالي ڪيو ويو، رابطو ڪرڻ تي ايس ايچ او تعلقو ٿاڻي آفتاب رند پنهنجي اخبار کي ٻڌايو ته فوتي عورت ۽ زخمي نوجوان زال مڙس ھئا 6 سال اڳ سندن شادي ٿي ھئي ۽ شگرمل جا رھواسي ھئا، پنهنجي گھر کان ميرپورخاص علاج لاءِ وڄي رھيا ھئا ته روڊ جو تعميراتي ڪم ھلڻ ڪري سندن موٽرسائيڪل ڪنٽرول مان نڪري وئي ۽ سامهون ايندڙ ڪمند سان ڀريل ٽريڪٽر  ٽرالي سان ٽڪرائجي ويا، ٽريڪٽر  ٽرالي کي پنهنجي تحويل ۾ وٺي وڌيڪ جانچ شروع ڪري ڇڏي آھي.