ميرپورخاص(بيورو رپورٽ) ميرپورخاص ۾ وڳوڙ ڪري عالمي فوڊ چين جي فرنچائز کي باھ ڏيڻ ۽ پوليس مٿان فائرنگ ۽ پٿراءُ ڪرڻ جو ڪيس دھشتگردي عدالت ۾ ٻڌڻي. 37 جوابدار عدالت ۾ پيش، 13 نامزد جوابدار جيل حوالي. 1 ڄڻو مان بري. 23 ڄڻا پوليس حوالي. ٻڌڻي 18 اپريل تائين ملتوي، خبر موجب ميرپورخاص ۾ فلسطين جي حق ۾ ريلي ڪڍي بعد ۾ حيدرآباد روڊ تي موجود انٽرنيشنل فوڊ چين جي ھڪ فرنچائز کي باھ ڏئي ساڙڻ، اتان ڦرلٽ ڪرڻ ۽ پوليس مٿان فائرنگ ۽ پٿراءُ ڪرڻ ڪيس ۾ نامزد گرفتار جوابدارن زبير پٺاڻ، شارخ، حمزا، اُساما، محمد الياس، شھر يار، رئيس قريشي، ثاقب، محمد امجد، آصف علي، ارباز سانڀري، دلشاد شيخ. شاھزيب سميت 13 ڄڻن کي عدالت جيل حوالي ڪري ڇڏيو. جڏهن ته عدالت 23 ڄڻن عبدالمعيز. واجد. عبدالرحمن. بصيراللـ. عبدالله ولي پٺاڻ. ارشاد علي. محمد ذيشان. رجب علي شاھ. عقيل الرحمن. عبيدالله فيضان. حماد الله، محمد سعيد. عدنان ملڪ. حسن. رضي الله. محمد نعمان. امين الحق. نويد خان. طلحه ۽ تھذيب کي 4 ڏينهن جي ريمانڊ تي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو. عدالت ھڪ نامزد جوابدار عبدالسلام کي ميڊيڪل ۽ ثبوت نه ھجڻ جي بنياد تي ڪيس مان بري ڪري ڇڏيو. ان ڏس ۾ عدالت ٻاھران ڳالھيندي ڪيس جي جاچ آفيسر عاطف شاهه چيو ته تصويرن ۽ ويڊيو جي مدد سان جانچ مڪمل ڪرڻ لاءِ عدالت چئين ڏينهن جو ريمانڊ ڏنو آھي، جاچ اڃان جاري آھي.