ميرپورخاص (بيورو رپورٽ) مهراڻ ٿاڻي جي حد حميدپوره ڪالوني ۾ گهر اندر پراسرار نموني فوت ٿي ويل 60ورهين جي سلميٰ جي مڙس سليمان پاران اڻڄاتل ماڻهن مٿان قتل جو ڪيس داخل ڪرايو ويو آهي فريادي پاران آيف آئي آر ۾ موقف اختيار ڪيو ته اسان جو مهاجر ڪالوني ۾ گهر آهي، 2 پٽ محمد عمران ۽ محمد نعمان رهندا آهن، 23 آڪتوبر  جي رات مان ۽ منهنجو پٽ نعمان شادي جي تقريب ۾ ويل هئاسين، ننهن صنم تبسم فون تي اطلاع ڪيو ته گهرواري سلميٰ جون ڪمري مان رڙيون اچي رهيون آهن، گهر پهچي گهرواري کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ سول اسپتال منتقل ڪري رهيا هئاسين ته رستي ۾ فوت ٿي وئي، پوليس کي اطلاع ڏنو، پوليس پهچي پوسٽ مارٽم ڪرايو، گهرواري کي نامعلوم ماڻهن تشدد ڪرڻ بعد ساھ ٻوسائي قتل ڪيو آهي، جاچ ڪئي وئي، هوڏانهن پوليس موجب واقعي جو ڪيس داخل ڪرڻ بعد جاچ شروع ڪري ڇڏي، ٻئي پاسي شروعاتي پوسٽ مارٽم رپورٽ موجب عورت جو موت ساھ ٻوساٽجڻ سبب ٿيو آهي.