ميرپورخاص(بيورو رپورٽ) ضلعي ڪائونسل ميرپورخاص جو اجلاس ڪائونسل جي چيئرمين انور ٽالپر جي صدارت ۾ ٿيو، جنھن ۾ سال 26_2025ع لاءِ 84 ڪروڙ، 94 لک، 98 ھزار 400 رپين جي سالياني بجيٽ منظور ڪئي وئي. پيش ڪيل بجيٽ ۾ آمدني طور سنڌ سرڪار پاران ملندڙ او زي ٽي شيئر جي مد ۾ 45 ڪروڙ 83 لک 40 ھزار رپيا ڏيکاريا ويا آھن، جڏھن ته غير متحرڪ جائدادن جي منتقلي جي ٽيڪس وصولي جي مد ۾ 1 ڪروڙ 70 لک رپيا، مختلف فين جي مد ۾ 6 لک 10 ھزار، دڪانن ۽ ڪوارٽرز جي مسواڙن جي مد ۾ 22 لک 30 ھزار رپيا ڏيکاريا ويا آھن. جڏھن ته خرچن جي مد ۾ ملازمن جي پگھارن لاءِ 13 ڪروڙ 7 لک 70 ھزار 500 رپيا، پينشن جي مد ۾ 13 ڪروڙ 2 لک رپيا، ڪانٽيجنسي خرچن جي مد ۾ 4 ڪروڙ 54 ھزار رپيا رکيا ويا آھن، ساڳيءَ طرح لازمي خرچن جي سلسلي ۾ 5 لک رپيا، ترقياتي ڪمن لاءِ 52 ڪروڙ رپيا، مخصوص خرچن جي سلسلي ۾ 1 ڪروڙ 25 لک رپيا، بقايا پينشن جي مد ۾ 94 لک 50 ھزار، امدادي رقم جي سلسلي ۾ 56 لک رپيا، ملازمن جي اولاد جي اسڪالرشپس لاءِ 4  لک رپيا رپيا ويا آھن. اھيءَ ريت ڪُل خرچ 84 ھزار 94 لک 74 ھزار 500 رپيا ڏيکاري ويو آھي، جڏھن ته 23 ھزار، 9 سئو رپيا بچت ڏيکاري وئي آھي. بجيٽ اجلاس ۾ گھر ڪئي وئي ته ٻھراڙين ۾ روڊن ۽ رستن جي تعمير جي سخت ضرورت آھي، ان ڪري ضلعي ڪائونسل جي او زي ٽي شيئر ۾ اضافو ڪيو وڃي. اجلاس ۾ مالياتي ڪاميٽيءَ طرفان سفارشون ڪيون ويون ته ضلعي ڪائونسل ۾ خالي پيل پوسٽن تي ڀرتيون ڪيون وڃن ۽ نئين ٺھيل ھال جو رھيل ڪم مڪمل ڪري گھربل فرنيچر مھيا ڪيو وڃي.