ميرپورخاص (بيورو رپورٽ) ميرپورخاص جي مالھي ڪالوني، شادمان ٽائون، صوفي ٽائون، نواب ڪالوني، کڏ پلاٽ ۽ ٻين علائقن ۾ پيئڻ جي پاڻيءَ جي شديد کوٽ خلاف شھرين احمد مري، چيتن مل، منو مل، يعقوب ڪنڀر ۽ ٻين ميونسپل ڪارپوريشن جي ميئر جي آفيس اڳيان احتجاجي مظاھرو ڪيو، ان موقعي تي شهرين چيو ته وڏي عرصي کان ميرپورخاص شھر جي مختلف علائقن ۾ پيئڻ جي پاڻيءَ جي شديد کوٽ آھي، چونڊيل بلدياتي ادارن جي چيئرمين ۽ ميئر کي دانھون ڏنيون پر ڪير بھه ٻڌڻ لاءِ تيار ناھي. ھنن چيو تھ واٽر سپلاءِ جي تلائن مان پاڻي نھ ملڻ سبب شھري ڳري اگھ تي پاڻي خريد ڪرڻ تي مجبور آھيون، احتجاج ڪندڙ شهرين اپيل ڪئي ته شھر ۾ پيئڻ جي  پاڻيءَ جي کوٽ جو نوٽيس وٺي، شھرين ۾ پکڙيل بيچيني کي ختم ڪيو وڃي.