ميرپورخاص شهر مان پاڻي نيڪال نه ٿيو، تعليمي ادارا به ٻڏل، سوين گهر ۽ هزارين ايڪڙ فصل تباهه

0
31
ميرپورخاص شهر مان پاڻي نيڪال نه ٿيو، تعليمي ادارا به ٻڏل، سوين گهر ۽ هزارين ايڪڙ فصل تباهه
ميرپورخاص شهر مان پاڻي نيڪال نه ٿيو، تعليمي ادارا به ٻڏل، سوين گهر ۽ هزارين ايڪڙ فصل تباهه

ميرپورخاص (بيورو رپورٽ) ميرپورخاص شھر  سميت مختلف علائقن ۾ 26 آگسٽ کان 30 آگسٽ تائين پيل برساتن جو پاڻي اڃا تائين نيڪال ناھي ٿي سگھيو

منظور آباد، ريلوي ڪالوني، ھاشم نگر، اُمِ ھاني ٽائون، ريلوي سوسائٽي، مالھي ڪالوني، راڄڙ ڪالوني، ڀيل آباد، راڻو ڀيل ڪالوني، سيٽ لائيٽ ٽائون، پاڪ ڪالوني، سيال ڪالوني، اريگيشن ڪالوني، سميت مختلف سرڪاري اسڪولن ڪاليجن ۽ آفيسن جن ۾ گورنمينٽ ھاءِ اسڪول، رابعا بصري گرلز ھاءِ اسڪول، ڪمپريھينسو ھائير سيڪنڊري اسڪول، ايليمينٽري اسڪول،  ايڪسائيز آفيس، فوڊ آفيس، لائيو اسٽاڪ آفيس، سوشل ويلفيئر ڊپارٽمينٽ آفيس، لائسنس برانچ سميت ٻيون آفيسون پاڻيءَ ھيٺ آھن، جڏھن تھه ٻھراڙين ۾ تعلقي شجاع آباد، سنڌڙي، ڪوٽ غلام محمد، ڊگھڙي، جھڏو، نئون ڪوٽ جون ھزارين ايڪڙ ٻنيون پاڻيءَ ھيٺ آيل آھن

ڳوٺاڻا پنھنجي مدد پاڻ تحت پاڻي نيڪال ڪرڻ جي ڪوششن ۾ مصروف آھن، پراونشل ڊزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي ان ڏس ۾ ميرپورخاص جا انگ اکر جاري ڪندي ٻڌايو آھي تھ ھن وقت تائين ميرپورخاص ۾ 2 ھزار 756 گھر تباھ ٿيا، جن مان 857 گھر مڪمل تباھه ٿيا آھن، جڏھن تھه هڪ ھزار 899 گھرن کي جزوي نقصان ٿيو آھي، پي ڊي ايم اي موجب 57 ھزار 987 ايڪڙن تي بيٺل فصل مڪمل تباھه ٿيو آھي