ميرپورخاص(بيورو رپورٽ) ميرپورخاص سينٽرل جيل جي رھائشي ڪوارٽر مان ليڊي پوليس اھلڪار مھوش جروار جو پنکي سان لٽڪيل لاش ھٿ آيو آھي. اطلاع ملڻ تي حد جي پوليس ۽ وومين پوليس پڻ واقعي واري جاء تي پھتي, جتان لاش کي پوسٽ مارٽم جي سلسلي ۾ سول اسپتال ميرپورخاص نيو ويو آھي. وومين پوليس جي ايس ايڇ او مومل لغاري موجب اطلاع ملڻ تي واقعي واري هنڌ پهتاسين جتي مھوش جو لاش پنکي واري ڪنڊي ۾ ٻڌل رسي ۾ لٽڪيل ھو ۽ کيس وردي پڻ پاتل ھئي. پوليس موجب مھوش جي مڙس گل محمد پٺاڻ کي شڪ جي بنياد تي گرفتار ڪيو، پوليس موجب علائقي واسين ٻڌايو ته مختلف وقتن ۾ مهوش ء سندس مڙس جا جهيڙا ٿيندا رهندا هئا،پوليس جو اھو پڻ چوڻ آھي تھ ليڊي اھلڪار جو لاش پوسٽ مارٽم لاء موڪليو ويو آھي, ھي واقعو خودڪشي آھي يا قتل؟ ان جي خبر جاچ بعد ئي پوندي. مهوش جي امڙ ياسمين ٻڌايو ته پنج سال اڳ مهوش جي شادي گل محمد پٺاڻ سان ڪرائي هئي، جنهن بعد يوسف کوسو نالي شخص منهنجي ڌي کي مسلسل بليڪ ميل ڪندو هيو، اڄ 4 وڳي مونکي اطلاع ڏنو ويو ته مهوش خودڪشي ڪئي آهي، مهوش جي گهر پهچڻ تي مهوش پٽ تي ڪريل هئي ء رسي گلي ۾ ڦاتل هئي، هن چيو ته منهنجي ڌي جي واقعي جي جاچ ڪئي وڃي، 2 سال اڳ منهنجي ڌي کي پوليس ۾ نوڪري ملي هئي، جنهن جي پگهار مان گهر هلائيندي هئي، هن وسوارن کان مطالبو ڪيو ته منهنجي ڌي جي ڪيس هي جي جاچ ڪرائي انصاف فراهم ڪيو وڃي