ميرپورخاص(بيورو رپورٽ) ٻيلهاڙو شاخ ۾ گذريل 4 مهينن کان پاڻي نه هئڻ خلاف آبادگارن پاران فوجي اشرف، طالب جٽ، سائين بخش مري جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو، ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته اسان پوڇڙي جا آبادگار آهيون 6 واٽر ڪورس آهن ۽ 400 ايڪڙ کان وڌيڪ زرعي زمين آهي جيڪا آباد ٿينديآهي، گذريل 4 مهينن کان اسان وٽ پاڻي نه پهتو آهي، هنن الزام هڻندي چيو ته آبپاشي کاتي پاران منڍ جي آبادگارن کي اسان جي حصي جو پاڻي وڪرو ڪري ڇڏيو آهي، هنن چيو ته منڍ جا آبادگار هڪ سو سيڪڙو زمينون آباد ڪري رهيا آهن ۽ اسان پيئڻ جي پاڻي لاء پريشان آهيون، اسان آبپاشي عملدارن سان ملاقات ڪرڻ لاء آفيسن ۾ وياسين جيڪي اسان سان ملاقات ڪرڻ لاء تيار ناهن، اسان ننڍا آبادگار آهيون اسان سان ظلم آهي اسان کي زرعي زمين لاء پاڻي ته نٿو ڏنو وڃي پر انسانن توڙي جانور لاء به پاڻي جي فراهمي نه ٿي سگهي آهي جر جو پاڻي کارو هئڻ ڪري ۽ خراب پاڻي واپرائڻ سبب معصوم ٻار مرد عورتون گيسٽرو سميت مختلف بيمارين ۾ وڪوڙيل آهن، هنن صوبائي وزير آبپاشي کان مطالبو ڪندي چيو ته ٻيلهاڙو شاخ جي پوڇڙي جي آبادگارن کي پاڻي جي فراهمي ڪرائي ڏني وڃي نه ته ٻي صورت ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو.