ميرپورخاص(رپورٽر) ميرپورخاص سينٽرل جيل ۾ قتل جي ڪوشش جي ڪيس ۾ قيد ٿيل ٽنڊوالھيار واسي قيدي ذيشان خانزادي هڪ وڊيو ٺهرائي، پنهنجي مائٽن وسيلي صحافين ڏي موڪلي آهي، جنهن ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته قيدي تي سينٽرل جيل ميرپورخاص اندر تشدد ڪيو ويو آهي. ان ڏس ۾ قيدي جي ڀاءَ رضوان احمد خانزادي پڻ هڪ وڊيو ٺاهي صحافين ڏي موڪلي آهي، جنهن ۾ هن الزام ھڻندي چيو آھي ته جيل انتظاميا قيدي کي سهولتون ڏيڻ لاءِ رشوت گهري، جيڪا نه ڏيڻ تي سندس ڀاءُ تي جيل انتظاميا پاران تشدد ڪيو ويو آهي، هن وڌيڪ چيو ته قيدي جڏهن اڄ ٽنڊوالھيار جي عدالت ۾ پيشي تي آيو ته سندس جسم تي تشدد جا نشان هئا، جنهن جي وڊيو اسان ٺاهي آهي، ٻئي طرف جيل سپرنٽنڊنٽ شهاب الدين صديقي چيو آهي ته پاڻ کي صحافي سڏائيندڙ عمران نالي شخص ڄاڻايل وڊيو کين مهينو اڳ موڪلي بليڪ ميل ڪيو ته قيدين کي جيل اندر غير قانوني قسم جون سهولتون ڏنيون وڃن، جنهن بابت اسان اڳ ئي آءِ جي جيل ۽ ڊي آءِ جي جيل کي آگاهه ڪري چڪا آهيون ته ڄاڻايل شخص جيل جي معاملن ۾ اجائي مداخلت ڪري اسان کي پريشرائيز ڪري رهيو آهي، هن چيو ته قيدي تي جيڪي نشان ڏيکاريا پيا وڃن، اهي هٿ سان هڪ ڊزائن جي صورت ۾ ٺاهيا ويا آهن، جنهن کي ڪنهن به صورت ۾ تسليم نٿو ڪري سگهجي. هن چيو ته قيدي تي لجيل اندر ڪو به تشدد ناهي ڪيو ويو، اها وڊيو پاڻ کي صحافي سڏائيندڙ شخص مئنيج ڪري ٺاهي آهي ته جيئن سندس من پسند مطالبا تسليم ڪري سگهجن.