ميرپورخاص(بيورورپورٽ) ميرپورخاص جي ماڊل ڪورٽ جي جج توهين عدالت جي ڏوھ ۾ ڊسٽرڪٽ بار ايسوسيئيشن جي صدر سڪندر ڪولاچي ۽ جنرل سيڪريٽري غفار ناريجو سميت  وڪيل زين ناريجو، وڪيل تلوڪ چند ڀيل، وڪيل سترام داس سوناڻي کي 6-6 مهينا قيد ۽ 3-3 هزار ڏنڊ جي سزا ٻڌائي ڇڏي آھي. واضح رھي تھ ضلعي بار ايسوسيئيشن پاران ماڊل ڪورٽ جي جج غلام قادر تنيو خلاف احتجاج ڪيو ھو, جنھن تي ماڊل ڪورٽ جي جج وڪيلن کي نوٽيس بھ جاري ڪيا هئا, جنھن بعد ضلعي بار پاران چيف جسٽس سنڌ ها۽ ڪورٽ سان ملاقات ڪري شڪايت ڪئي وئي ھئي, جنهن تي جج کي بدلي ڪيو ويو هو, اڄ سندس مقرري جو آخري ڏينھن ھو, جنھن دوران ھن ھي فيصلو ڏنو. فيصلي بعد وڪيلن بار اڳيان احتجاجي مظاھرو ڪيو ۽ چيو تھ ڄاڻايل جج کي اھو اختيار ئي ناھي تھ پاڻ ئي فريادي ۽ پاڻ ئي جج بڻجي سزا ڏئي.