ميرپورخاص (بيورو رپورٽ) ميرپورخاص بار ايسوسيئيشن جي چونڊ، يو آءِ ايس ٽي پينل بنا مقابلي ڪامياب خبر موجب ميرپورخاص ڊسٽرڪٽ بار سال 2025ع لاءِ يو آءِ ايس ٽي پينل جا سمورا عھديداربنا مقابلي ڪامياب ٿي ويا، ريٽرننگ آفيسر پاران جاري ڪيل نوٽيفيڪشن موجب صدر لاءِ افضل ڪريم ورڪ، نائب صدر شاھنواز لغاري، جنرل سيڪريٽري مير علي بخش ٽالپر، جوائنٽ سيڪريٽري بشير احمد چانڊيو، لائبريري سيڪريٽري محبوب علي لغاري کي بنا مقابلي ڪامياب قرار ڏنو ويو، جڏهن ته مينيجمينٽ ڪاميٽي لاءِ خالد حسين راھمون، محمد فرحان قريشي، وقار احمد ملڪ، چوٿ رام کتري، امر چند ڀيل، دائود لغاري ۽ محمد جمن عمراڻي کي ميمبر طور ڪامياب قرار ڏنو ويو، جڏهن ته مخالف ۾ فرينڊز پينل جي عهديدارن جا فارم سالياني فيس جمع نه ڪرائڻ ۽ ٻين ڪارڻن سبب رد ٿيڻ ڪري يو آءِ ايس ٽي پينل جي عهديدارن کي بنا مقابلي ڪامياب قرار ڏنو ويو، ھوڏانھن نون عهديدارن کي وڪيل برادري پاران گلن جا ھار پارايا ويا ۽ مٺائي پڻ تقسيم ڪئي وئي.