ميرپورخاص(بيورورپورٽ) علاج لاء آيل ٽنڊوآدم جي ڳوٺ دل ڦوٽا جي رهواسڻ 11 سالا نينگري آصمه سول اسپتال ۾ فوت ٿي وئي، جڏهن ته وارثن پاران ڊاڪٽرن جي غفلت سبب نينگري فوت ٿيڻ جو الزام لڳائي ڇڏيو آهي ان موقعي تي نينگري جي والد نظام الدين ٻڌايو ته منهنجي ڌي کي رت جي گهٽتائي سبب سول اسپتال ميرپورخاص ريفر ڪيو هو جتي ڊاڪٽرن جي لاپرواهي سبب منهنجي ڌي فوت ٿي وئي آهي. هن ٻڌايو ته منهنجي ڌي جي ڳڻتي جوڳي حالت هئڻ باوجو صبح کان ڪنهن ڊاڪٽر چيڪ نه ڪيو هٿ ڪيل رت پڻ نه لڳايو ويو. اسپتال عملو ڌي جو علاج ڪرڻ بدران پورو ڏينهن بدتميزي ڪري ڌمڪيون ڏيندو رهيو. هوڏانهن سول اسپتال انتظاميه موجب معاملي جي جاچ ڪري رهيا آهيون جيڪڏهن اسپتال عملي جي غفلت ثابت ٿي ته ان خلاف سخت ڪاروائي ڪئي ويندي,