ميرپوربٺورو (ن پ ا) ميرپوربٺورو ۾ ڳوٺ احمد خان زئور جي نوجوانن جو مساڻ گرائونڊ تي ڪرڪيٽ راند جو دلچسپ مقابلو، مساڻ گرائونڊ تي عيد جي پرمسرت موقعي تي ڪامريڊ اليون ۽ چرسي اليون جي وچ ۾ ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ مئچ کيڏي وئي، جنھن ۾ ڪامريڊ اليون ٽاس کٽي بيٽنگ جو فيصلو ڪيو، ڪامريڊ اليون پھرين بيٽنگ ڪندي 8 اوورن ۾ 129 رنسن جو ٽارگيٽ ڏنو، جڏھن ته ڪامريڊ اليون جو وسيم انور 50 رنسون ٺاھي آخر تائين ڪريز تي موجود رھيو. چرسي اليون 8 اوورن ۾ فقط 60 رنسون ٺاھي ٽورنامينٽ ھارائي ڇڏيو، ان موقعي تي ڳوٺ سڌار سنگت جي چيئرمين غلام نبي زئور طرفان ڪامريڊ اليون جي ڪپتان بابو عظيم کي ڪپ ڏنو ويو جڏھن ته مين آف دي مئچ جو ڪپ سياسي سماجي ڪارڪن لطيف زئور پاران وسيم انور کي ڏنو ويو ۽ ھارايل ٽيم چرسي اليون جي ڪپتان شاھزيب مراد پڻ پنھنجو ڪپ وصول ڪيو.