سجاول/ميرپوربٺورو(رپورٽر+ن پ ا) ميرپوربٺورو لڳ کورواهه روڊ تي باءِ پاس ڀرسان ٻن موٽر سائيڪل رڪشائن وچ ۾ آمهون سامهون زوردار ٽڪر ٿيڻ سبب محمودا اسٽاپ واسي ٻن ڀائرن پنيو پٽ حاجي روپائي ۽ دينو پٽ حاجي روپائي سميت چار ڄڻا سارنگ پٽ جمن گهوٽو ۽ عارف پٽ ڀليڏنو گهوٽو سخت زخمي ٿي پيا زخمين کي ايمبولينس جي ذريعي فوري طور تي تعلقي اسپتال ميرپوربٺورو آندو ويو، جتي کين ابتدائي طبي امداد ڏيڻ بعد وڌيڪ علاج لاءِ حيدرآباد روانو ڪيو پئي ويو ته اڌ رستي تي زخمي 36 ساله پنيو پٽ حاجي روپائي زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويو آهي، فوت ٿيل نوجوان جو لاش محمودا اسٽاپ ڀرسان سندن ڳوٺ آندو ويو ته ڪھرام مچي ويو کيس اباڻي قبرستان ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو آھي.