ميرپوربٺورو واسي ڳوٺاڻو ڌاڙيلن وٽ قيد، زنجير ۾ جڪڙيل ويڊيو وائرل، ڀنگ طلب

0
47
ميرپوربٺورو واسي ڳوٺاڻو ڌاڙيلن وٽ قيد، زنجير ۾ جڪڙيل ويڊيو وائرل، ڀنگ طلب
ميرپوربٺورو واسي ڳوٺاڻو ڌاڙيلن وٽ قيد، زنجير ۾ جڪڙيل ويڊيو وائرل، ڀنگ طلب

ميرپوربٺورو (رپورٽ: مظھر نواز) ميرپوربٺورو واسي ڳوٺاڻو ڌاڙيلن وٽ قيد، زنجير ۾ جڪڙيل ويڊيو وائرل، ڀنگ طلب، ميرپوربٺورو جي ڳوٺ اسحاق ٺاراڻي مان هڪ هفتو اڳ گهران نڪتل ڳوٺاڻي گلڻ ٺاراڻي جو پتو نه پئجي سگهيو آهي انهي سلسلي ۾ مبينا طور ڌاڙيلن وٽ قيد مغوي جون ويڊيوز سوشل ميڊيا تي وائرل ڪيون ويون آهن جنهن ۾ مغوي گلڻ ٺاراڻي زنجيرن ۾ جڪڙيل دانهون ڪندي پنهنجي وارثن کي چئي رهيو آهي ته  ڀنگ جي رقم ڏئي منهنجي زندگيءَ بچائي وڃي جڏهن ته ڊرامائي انداز ۾ مبينا طور اغوا ٿيندڙ ڳوٺاڻي جا وارث سخت پريشان بڻجي ويا، جن جو چوڻ آهي ته گلڻ ٺاراڻي کي دوکي سان اغوا ڪري هاڻي اسان کان لکين روپيا ڀنگ طلب ڪيو پيو وڃي ليڪن اسين غريب مسڪين ايڏي وڏي رقم نٿا ڏئي سگهون انهن چيو ته نوجوان جي بازيابي لاءِ ڪير به نوٽيس وٺڻ لاءِ تيار ناهي جنهن ڪري ان جي حياتي کي خطرو آهي،ٻئي طرف ذريعن جو چوڻ آهي ته ڳوٺاڻو عورتاڻي آواز تي هرکجي ڪشمور ضلعي ۾ ڌاڙيلن وٽ قيد آهي ٻئي پاسي پوليس معاملي جي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي.