ميرپوربٺورو (ن پ ا) ميرپوربٺورو ۾ يوسي ڪامارو جي 4 ڳوٺن جي رهواسين پاران ٿري آر سم نالي جي کاٽي نه ٿيڻ خلاف پوليو مهم کان بائيڪاٽ ڪيو ويو آھي، ٻارڙن کي ڦڙا پيارڻ لاءِ پھتل پوليو ٽيم کان ڳوٺاڻن موٽائي ڇڏيو، ڳوٺ غلام نبي چنڊاڻي، مبارڪ چنڊاڻي، ڪوڙو کاڙڪ ۽ ڳوٺ الھه بخش جي رھواسين ٻارڙن کي پوليو جا ڦڙا پيارڻ کان انڪار ڪيو، غلام نبي چنڊاڻي ۽ بشير ميراڻي سميت ٻين ڳوٺاڻن جو چوڻ هو ته ٿري آر سم نالي جي کاٽي ڪرائي وڃي، ٻي صورت ۾ ٻارڙن کي پوليو جا ڦڙا نه پيارينداسين، هنن چيو ته ڪنھن به وقت سم نالي کي گھارو پئجي سگھي ٿو، گهاري سبب تمام گهڻو نقصان ٿيندو، ڳوٺاڻن مطالبو ڪيو ته سم نالي جي کاٽي ڪرائي وڃي.