ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) پاڪستان ميري ٽائيم ايجنسي سمنڊ ۾ ڦاٿل 12 ملاحن جون حياتيون بچائي ورتيون، ان سلسلي ۾ ميري ٽائيم سيڪيورٽي جو چوڻ آهي ته ميري ٽائيم سڪيورٽي ايجنسي جي گشت ڪندڙ جهاز ايمرجنسي ڪال تي ملاحن کي ريسڪيو ڪري ڪناري تي پهچايو، اهي ملاح ڪراچي مان مڇي مارڻ لاءِ سمنڊ ۾ ويا هئا، مشنري خراب ٿيڻ ڪري اهي سمنڊ ۾ ڦاسي پيا هئا.