ميروخان (ن پ ا) ميروخان ۾ پوليو جي روڪٿام جي حوالي سان جاڳرتا ريلي ڪڍي وئي پوليو ۾ ڪم ڪندڙ ڊاڪٽرن ۽ هيلٿ ورڪرز پاران تعلقي فوڪل پرسن ڊاڪٽر غلام عباس ڪهيري، سجاد گوپانگ،ارشد علي پتوجو، سردار خاتون ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ هٿن ۾ بينر کڻي تعلقي اسپتال کان تعلقي پريس ڪلب تائين جاڳرتا ريلي ڪڍي وئي ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي ڊاڪٽر غلام عباس ڪهيري ٻڌايو ته پوليو ٻارڙن جي بيماري جو خطرناڪ وائرس آهي جيڪو ٻارڙن کي عمر ڀر جي لاءِ معذور بڻائي ٿو تنهن ڪري ايندڙ سومر 8 جنوري کان هڪ هفتي لاءِ شروع ٿيندڙ پوليو مهم دوران پنجن سالن تائين جي عمر جي هر ٻار کي پوليو جا 2 ڦڙا پياري عمر ڀر جي معذوري کان بچايو وڃي.