ميرپور ساڪرو (ن پ ا) ميرپور ساڪرو ۾ جيئي سنڌ محاذ پاران سنڌو درياءَ مٿان 6  ڪئنال ڪڊڻ خلاف ٽاڪاڻي اسٽاپ کان ريلي ڪڊي  شھر جي مين اسٽاپ تي احتجاجي مظاھرو ڪري سخت نعريبازي ڪئي، ريلي ۾ قومپرست اڳواڻن سميت وڏي تعداد ۾ شھرين شرڪت ڪري ڪئنال نامنظور جا نعرا ھنيا ويا آهي مظاھرين ۾ شير الدين شيخ مرتضي لاشاري جمن چنا مير اعجاز سنڌي نجم الدين انڙ ۽ ٻين جو چوڻ ھو ته سنڌو درياھ مٿان ڪئنال اڏجڻ سان سنڌ مڪمل تباھ ٿي ويندي ھنن  چيو ته جسم مسلسل احتجاج ڪري رھي آهي اسان  ڪئنال کي رڌ ڪندي مطالبو ٿا ڪريون ته ڦورن فيصلو واپس وٺي سنڌ جي ماڻهن کي جئيڻ جو حق ڏنو وڃي ھنن چيو ته  ھن وقت پاڻي جي مسلسل کوٽ سبب اسان جا ماروڙا اڄ وگھي پريشان آهن اسان سنڌ واسين جو پاڻي آهي جنهن مٿان ڌاڙو ڪڏهن به برداش نه ڪنداسين وفاق حڪومت پنهنجي ھوڏ تي قائم آهي ھوڏانھن  سنڌ جي ماڻهن جي جئيڻ مرڻ جو مسئلو آهي  ھنن جو وڌيڪ چوڻ ھو ته سنڌو درياھ اسان جو جياپو آهي ڦورن فيصلو واپس وٺي سنڌ جي ماڻهن سان انصاف ڪيو وڃي.