ميروخان(ن پ ا) ميروخان جي زميندار گهراڻي سان تعلق رکندڙ ابڙا ڀائرن وچ ۾ ملڪيت جي معاملي تان اختلاف سامهون آيا آهن، ٽائون ڪاميٽي جي چيئرمين لياقت علي ابڙو جي ننڍي ڀاءُ برڪت علي ابڙو پنهنجي رهائشگاھ تي پريس ڪانفرنس ڪندي لياقت علي ابڙو مٿان ملڪيت مان حصو نه ڏيڻ جو الزام هنيو آهي، هن چيو ته اسان ٻن ڀائرن کي 500 ايڪڙ کان وڌيڪ زرعي زمين هڪ سيلر، ڪيترائي دڪان ۽ پلاٽن سميت ٻي ملڪيت آهي، جيڪي سڀ وڏي ڀاءُ لياقت علي ابڙو جي قبضي ۾ آهن، هو مون کي ملڪيت مان حصو ڏيڻ لاءِ تيار ناهي، هن مطالبو ڪيو ته ملڪيت مان حصو ڏياريو وڃي.