ميروخان(ن پ ا) ميروخان ۾ عيد جي ڏينهن ون ويلنگ دوران تيز موٽرسائيڪل ٽڪرائجي ويون ، نتيجي ۾ هڪ نوجوان فوت ۽ 2 نوجوان زخمي  ٿي پيا،بائي پاس روڊ تي حادثي جي نتيجي ۾ 18 سالن سجاد چانولي ٿڏي تي فوت ٿي ويو، توفيق چانڊيو ۽ عذير ابڙو زخمي ٿي پيا، واقعي بعد وارثن جون عيد جون خوشيون ماتم ۾ تبديل ٿي ويون. خبر موجب : ميروخان ۾ عيد جي خوشين واري ڏينهن تي ون ويلنگ ڪرڻ دوران تيز رفتار موٽر سائيڪلون ٽڪرائجڻ جي نتيجي ۾ هڪ نوجوان فوت ۽ 2 نوجوان زخمي ٿي پيا ان سلسلي ۾ واقعي جي اکين ڏٺن شاهدن ۽ پوليس موجب فوتي نوجوان جو لاش ۽ زخمي نوجوانن کي شهري  پرائيويٽ عبدﷲ ميڊيڪل سينٽر آندو ويو، جتان زخمي توفيق چانڊيو ۽ عذير ابڙو کي بيهوشي واري حالت ۾ لاڙڪاڻي منتقل ڪيو ويو. فوتي نوجوان سجاد چانولي جي  فوتگي جو اطلاع وارثن کي ملڻ کان گهر ۾ قهرام مچي ويو ۽ وارثن جون عيد جون خوشيون ماتم ۾ تبديل ٿي ويون. فوتي نوجوان سجاد چانولي جا وارث جوان پٽ جي موت جو ٻڌي ميڊيڪل سينٽر تي پهتا جتي نوجوان جو چهرو چچريل لاش ڏسي صدمي بيهوش ٿي ويا ٻي پاسي عيد جي پرمسرت موقعي  تي افسوسناڪ واقعي جي خبر پوڻ کان پوءِ شهر ۾ خوف ۽ ڏک جي لهر پکڙجي وئي آهي.