ميروخان(ن پ ا) ميروخان ۾ ليڊي هيلٿ ورڪرز پاران پي پي ايچ آءِ ۾ ضم ڪرڻ واري سنڌ حڪومتي جي فيصلي خلاف احتجاج ڪيو ويو، تعلقه اسپتال ۾ ڪم ڪندڙ ليڊي هيلٿ ورڪرز پاران ماجده ڀٽي، حبيبان ڪلهوڙو، حليمان تونيو، فوزيا انصاري ۽ ٻين مطالبو ڪندي چيو ته صحت کاتي سنڌ جي ماتحت ڪم ڪندڙ هزارين ليڊي هيلٿ ورڪرز کي خانگي اداري پي پي ايچ آئي حوالي ڪرڻ وارو فيصلو واپس ورتو وڃي.