ميروخان ( ن پ ا ) ميروخان ۾ 60 پل لاڙي وٽ سجاول شاخ جي آبادگارن احتجاجي مظاهرو ڪيو، ان موقعي تي شعبان ابڙو، روشن تونيو، عاشق سولنگي، حبيب الرحمان تونيو ۽ ٻين چيو ته زرعي پاڻي جي مسلسل کوٽ سبب فصل سڙي رهيو آهي، هنن الزام هنيو ته انجنيئر محمد نواز چانڊيو ۽ داروغو غلام سرور مبينا رشوت عيوض پاڻي وڪرو ڪري رهيا آهن، جنهن ڪري پڇڙي جي آبادگارن تائين پاڻي نه ٿو پهچي، هنن چيو ته ساريالو فصل سڪڻ سبب آبادگارن کي وڏو نقصان ٿيندو، هنن پاڻي ڏيڻ جي گهر ڪئي.