ميروخان/ لاڙڪاڻو(نمائندن وٽان) لاڙڪاڻي ڀرسان ڌامراهه ٿاڻي جي حد ڳوٺ شير محمد بروهي وٽ ڪار سوار هٿياربندن ڦورن نئون ديرو کان ميروخان ويندڙ ڪار سوار نئون ديرو جي پير جو ڳوٺ واسي سوناري رحمت علي کوکر سندس 13 ورهين جي پٽ عظمت علي کوکر ۽ ملازم جاني ٻوسڻ کي يرغمال بڻائي سونا ۽ چانديءَ جا زيور، لکين روپيه روڪ رقم، موبائيل فونون، چاٻيون، پرس، شناختي ڪارڊ ۽ ٻيو سامان ڦر ڪري فرار ٿي ويا، اطلاع تي پوليس حدبندي جو تڪرار ڄاڻائي دير سان پهچي واقعي بابت تفصيل وٺي رواني ٿي وئي. ان حوالي سان متاثر ملازم جاني ٻوسڻ ميڊيا سان ڳالهائيندي ٻڌايو ته مان ميروخان شهر ۾ سيٺ رحمت علي کوکر جي سونارڪي دڪان تي ملازمت ڪندو آهيان، اڄ مان پنهنجي سيٺ ۽ سندس پٽ سان گڏجي ڪار ۾ سونا ۽ چاندي جا زيور، روڪ رقم ۽ ٻيو سامان کڻي ميروخان وڃي رهيا هئاسين ته ڳوٺ شير محمد بروهي وٽ ڪار سوار 5 هٿياربند ڦورن ڪار ذريعي اڳ جهلي اسان مٿان هٿيار تاڻي 2 تولا سونا زيور، 50 هزار روپين کان وڌيڪ چاندي جا زيور، 2 لک روپين کان وڌيڪ روڪ، 3 موبائيل فونون، پرس، شناختي ڪارڊ، چاٻيون ۽ ٻيو سامان ڦر ڪري فرار ٿي ويا، اطلاع باوجود پوليس حدبندي جو تڪرار ڄاڻائي ڪيترو ئي وقت گذرڻ بعد واقعي واري هنڌ پهچي تفصيل وٺي رواني ٿي وئي. هن آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي ۽ ايس ايس پي لاڙڪاڻو کي اپيل ڪئي ته معاملي جو نوٽيس وٺي ڦورن کي گرفتار ڪري ڦرلٽ ڪيل سونا ۽ چاندي جا زيور، لکين روپيه روڪ رقم ۽ ٻيو سامان واپس ڪرائي انصاف فراهم ڪيو وڃي.