ميروخان ويجھو جتوئي ڀائرن ۾ پراڻو تڪرار ٻيهر ڀڙڪي اٿيو: 2 ڄڻا قتل: 2 زخمي

0
19
ميروخان ويجھو جتوئي ڀائرن ۾ پراڻو تڪرار ٻيهر ڀڙڪي اٿيو: 2 ڄڻا قتل: 2 زخمي
ميروخان ويجھو جتوئي ڀائرن ۾ پراڻو تڪرار ٻيهر ڀڙڪي اٿيو: 2 ڄڻا قتل: 2 زخمي

ميروخان/سجاول جوڻيجو (نمائندن وٽان) ميروخان ويجھو جتوئي ڀائرن آغا خان جتوئي ۽ ڊاڪٽر سڪندر علي جتوئي وچ ۾ هلندڙ زمين جو تڪرار ٻيهر ڀڙڪي پيو،  فائرنگ ۾ 2 ڄڻا قتل، 2 زخمي ٿي پيا،  ميروخان ٿاڻي جي حد ڳوٺ صاحب خان ڪورائي ڀرسان هٿياربندن ڊاڪٽر سڪندر علي جتوئي جي زرعي زمين تي ويٺل ماڻهن تي فائرنگ ڪري ڏني، گوليون لڳڻ سبب  پيروز سناڻي ۽  ارباب جلباڻي قتل ٿي ويا، جڏهن ته گلشن جلباڻي ۽ شيرل رند سخت زخمي ٿي پيا، مارجي ويلن جا لاش ۽ زخمي ڪيترائي ڪلاڪ واقعي واري هنڌ پيل رهيا، ڌرين وچ ۾ فائرنگ جو سلسلو هلندو رهيو، فائرنگ بند ٿيڻ بعد پوليس دير سان واقعي واري هنڌ پهچي مقتولن جا لاش ۽ زخمين کي کڻائي اسپتال منتقل ڪيو، پوليس جو چوڻ هو ته  آغا خان جتوئي ۽ سندس ڀاءُ  ڊاڪٽر سڪندر علي جتوئي ۾ پراڻو زميني تڪرار هلندڙ آهي، جنهن تان واقعو پيش آيو  آهي. علائقي ۾ پوليس پڪٽ قائم ڪئي وئي آهي.

تڪراري زمين آباد ڪرڻ تان ڌرين ۾ وري جھيڙو شروع

ميروخان: ڊي ايس پي ميروخان اسد اﷲ ڀٽي ٻڌايو ته جتوئي ڀائرن آغا خان جتوئي ۽ ڊاڪٽر سڪندر جتوئي وچ ۾ زمين جي مالڪي تان پراڻو تڪرار هلندڙ آهي، جنهن ۾ سال 2022 ع ۾ ڊاڪٽر سڪندر جتوئي جي ماڻهن ڳوٺ ٿرڙي جتوئي ۾ آغا خان جتوئي جي اوطاق تي فائرنگ ڪئي هئي، جنهن جي نتيجي ۾ سندس پٽ عامر زيب جتوئي مرڻينگ، جڏهن ته گارڊ مارجي ويو هو، جنهن کان پوءِ ڊاڪٽر سڪندر جتوئي روپوش ٿي ويو هو ۽ سندس جي زرعي زمين غيرآباد پيل هئي، جنهن کي آباد ڪرڻ لاءِ ڊاڪٽر سڪندر جتوئي جي پٽ دانيال جتوئي پنهنجا ماڻهو زرعي زمين تي ويهاريا جيڪا خبر آغا خان جتوئي ۽ سندس پٽ عامرزيب جتوئي کي پئي ته هنن پنهنجا ماڻهو موڪليا ته جهيڙو ٿي پيو، جنهن جي نتيجي ۾ ڊاڪٽر سڪندر جتوئي جي ڌر جا 2 ڄڻا مارجي ويا آهن جن جي سڃاڻپ پيروز سناڻي ويٺل ڳوٺ الهرکيو جويو ۽ ارباب جلباڻي ۽ زخمي رضوان جلباڻي ويٺل ڳوٺ بکهر مهيسر طور ٿي آهي، جڏهن ته گولي لڳڻ سبب هڪ مقامي ڳوٺاڻو شيرل رند زخمي ٿي پيا آهن.

اسان جي هارين تي حملو ٿيو، جوابي فائرنگ ۾ ونگارو مارجي ويا: عامر زيب جتوئي

ميروخان: آغا خان جتوئي جي پٽ عامر زيب جتوئي ٻڌايو ته مارجي ويل ٻاهريان ۽ وانگارو ماڻهو آهن، جن پنهنجي ساٿين سان گڏجي اسان جي زمين تي ويٺل اسان جي هارين تي حملو ڪيو ته جوابي فائرنگ ۾ مارجي ويا، هن چيو ته جيڪڏهن اسان جا ماڻهو حملو ڪري مارين ها ته زخمي ٿيل رضوان جلباڻي کي به قتل ڪن ها، هن وڌيڪ چيو ته اسان جي ڪمدار ميروخان پوليس کي بار بار آگاهه ڪيو ته اسان زرعي تي ويٺل هارين جي ڀرسان ٻاهريان ماڻهو آيا آهن، جن مان اسان کي خطرو آهي پر پوليس  ڪوبه داد فرياد نه ڪيو جنهن ڪري هي واقعو پيش آيو آهي.

عامر زيب حملو ڪرايو، مارجي ويل اسان جا هاري آهن: مسز سڪندر جتوئي

ميروخان: ڊاڪٽر سڪندر جتوئي جي گهرواري ڊاڪٽر مختيار جتوئي پنهنجي اخبار سان ڳالهائيندي چيو ته  مارجي ويل پيروز سناڻي ۽ ارباب جلباڻي ڪرمنل نه پر اسان جا هاري آهن، جن کي عامر زيب جتوئي اڳ ۾ اسان جي زمينن تان اٿاريو هو، جنهن ڪري ڪجھه ڏينھن اڳ ايس ايس پي قمبر شهدادڪوٽ ساجد امير سدوزئي سان ملاقات ڪئي هئي ۽ ايس ايس پي توڙي ڊي ايس پي ميروخان اسد ﷲ ڀٽي جي خاطري بعد واقعي واري هنڌ موجود پنهنجي زرعي زمين آباد ڪرڻ لاءِ هارين کي ويهاريو هيو ته عامر زيب جتوئي پنهنجا هٿياربند ماڻهو ساڻ ڪري بيهي قتل ڪرايو آهي ۽ قتل ڪرائڻ بعد نعريبازي پڻ ڪئي آهي. هن چيو ته ڳوٺ صاحب خان ڪورائي ڀرسان منهنجي ۽ منهنجي پٽ طلحه دانيال جي نالي تي هڪ سئو ايڪڙ کان وڌيڪ زرعي زمين آهي، جيڪا عامر زيب جتوئي وارا آباد ڪرڻ نه ٿا ڏين.