ميروخان ويجهو پراڻي تڪرار تان گهر تي حملو، فائرنگ، ڀاڻيجن هٿان مامو ۽ 2 ماروٽ قتل

0
23
ميروخان ويجهو پراڻي تڪرار تان گهر تي حملو، فائرنگ، ڀاڻيجن هٿان مامو ۽ 2 ماروٽ قتل
ميروخان ويجهو پراڻي تڪرار تان گهر تي حملو، فائرنگ، ڀاڻيجن هٿان مامو ۽ 2 ماروٽ قتل

ميروخان (رپورٽ: صفر گوپانگ) ميروخان ويجهو پراڻي تڪرار تان ڀاڻيجي پنهنجي ڀائرن سان گڏجي سڳي مامي ۽ ٻن ماروٽن کي قتل ڪري ڇڏيو، ميروخان ٿاڻي جي حد ڳوٺ قائم خان چانڊيو ۾ جوابدار باقر چانڊيو پنهنجي ٻين ڀائرن سان گڏجي گذريل رات دير سان ڳوٺ قائم چانڊيو ۾ پنهنجي سڳي مامي علي ڏنو چانڊيو جي گهر اندر داخل ٿي حملو ڪري پسٽل ۽ رپيٽر جا فائر ڪري ننڊ ستل 60 سالن جي گهر ڌڻي مامي علي ڏنو چانڊيو سندس ٻن نوجوان پٽن 30 ورهين جي نادر چانڊيو ۽ 19 ورهين جي ڪمال چانڊيو کي ٿڏي تي قتل ڪرڻ بعد فرار ٿي ويا رابطو ڪرڻ تي ايس ايڇ او ميروخان  شفقت قناصرو ٻڌايو ابتدائي جاچ ۾ معلوم ٿيو آهي ته مقتول علي ڏنو چانڊيو 15 سال اڳ 2010ع ۾ زرعي زمين جي معاملي تان پنهنجي ڀيڻيوي مختيار ۽ ان جي پيءُ گلبهار چانڊيو کي قتل ڪيو هو جنهن جي پلاند ۾ جوابدار باقر چانڊيو ۽ ٻين ڀاڻيجن گهر تي حملو ڪري علي ڏنو چانڊيو، نادر چانڊيو ۽  ڪمال چانڊيو کي قتل ڪيو آهي، مارجي ويلن جا لاش اسپتال منتقل ڪيا ويا، پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو، قاتلن کي پٽون پاراتا، ٻئي طرف ٽن قتلن سبب علائقي ۾ خوف ۽  ڏهڪاءُ واري صورتحال رهي، آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو آهي.