ميروخان (ن پ ا) ميروخان شهر جي بروهي پاڙي ۾ سڱاوتي تڪرار تان ڪهاڙيون هڻي قتل ڪيل نظر محمد بروهي جو ڪيس 3 ڀائرن سميت 8 ڄڻن خلاف داخل ڪيو ويو آهي، مقتول جي ڀاءُ دين محمد بروهي جي فرياد تي داخل ڪيل ڪيس ۾ ٽن ڀائرن يوسف بروهي، شادي خان بروهي، سڪندر بروهي، محمد پناهه، نادر بروهي، حيات بروهي، پسند خان بروهي ۽ گل خان بروهي کي جوابدار نامزد ڪيو ويو آهي. پوليس هڪ جوابدر سڪندر بروهي کي گرفتار ڪري وڌيڪ جاچ ڪري رهي آهي.