ميروخان (ن پ ا ) ميروخان ۾ رائيس ملز مزدورن جي اجرت ۾ 10 سيڪڙو واڌ، نوٽيفڪيشن جاري، خبر موجب ميروخان تعلقي ۾ رائيس ملن ۾  پورهيو ڪندڙ مزدورن جي اجرت ۾ 10 سيڪڙو واڌ ڪئي وئي آهي، وطن دوست مزدور فيڊريشن جي اڳواڻن جميل نواب ڀٽي ۽ بشير ديناري ملز يونين اڳواڻ عبدالحميد گوپانگ سان ملاقات ڪري مزدورن جي مسئلن کان آگاهه ڪيو، جنهن بعد 50 کان وڌيڪ رائيس ملن تي پورهيو ڪندڙ 5 هزار جي لڳ مزدورن جي اُجرت ۾ 10 سيڪڙو واڌ ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو، اجرت ۾ واڌ واري اعلان تي پورهيتن ۾ خوشي جي لهر ڇائنجي وئي.