ميروخان(ن پ ا) ميروخان ويجهو ڳوٺ نئون ٺارو وڌو جي رحمان پبلڪ اسڪول ۾ سالياني امتحان ۾ ڪاميابي ماڻيندڙ شاگردن جي حوصلا افزائي لاءِ ايوارڊ ڊسٽريبيوشن تقريب ڪوٺائي وئي، جنهن ۾ ڊائريڪٽر زاهد حسين تنيو طرفان سالياني امتحانن ۾ سٺن نمبرن سان پاس ٿيندڙ شاگردن کي ايوارڊ ۽ ميڊل ڏنا ويا، تقريب ۾ شاگردن پاران تعليم جي اهميت بابت تقريريون ۽ ٽيبلوز پيش ڪيا ويا، شاگردن پاران هٿن ۾ سنڌو درياءَ مان ڪئنال نامنظور جا پمفليٽ هٿن ۾ کڻي نون تڪراري ڪئنالن خلاف احتجاج ڪري نعريبازي ڪئي وئي. ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي اسڪول جي ڊائريڪٽر زاھد حسين تونيو چيو ته درياءَ اسان جو جياپو آهي ڪئنال ٺهيا ته سنڌ تباھ ٿي ويندي تنهن ڪري سنڌ دشمن ڪئنال منصوبن کي ختم ڪيو وڃي.