ميروخان (ن پ ا)ميروخان جي سرڪاري اسپتال ۾ ڊاڪٽرن سميت سهولتن جي کوٽ خلاف وڪيل ميروخان جي عدالت ۾ صحت کاتي جي ڪامورن خلاف درخواست داخل ڪري ڇڏي، سجاول جوڻيجو واسي وڪيل نياز ميمڻ سول جج اينڊ جوڊيشل مئجسٽريٽ شفيق احمد کرل جي عدالت ۾ داخل ڪيل درخواست ۾ ڄاڻايو آهي ته تعلقه اسپتال ميروخان ٻن ميروخان ۽ سجاول جوڻيجو تعلقن جي سڀ کان وڏي سرڪاري اسپتال آهي، جتي هر روز سوين غريب ۽ بي پهچ مريض علاج ڪرائڻ جي اميد کڻي اچن ٿا پر اسپتال ۾ ڊاڪٽرن، دوائن سميت بنيادي سهولتون جي اڻهوند سبب بهتر علاج نه ٿو ٿي سگهي، درخواست کي ٻڌڻي لاءِ منظور ڪندي عدالت درخواست ۾ ڌر ڄاڻايل سيڪريٽري صحت، ڊي ايچ او قمبر ڊاڪٽر گلزار تنيو ۽ ايم ايس ڊاڪٽر سرتاج کي 23 جون ايندڙ سومر تي طلب ڪري ورتو آهي.