ميرواھ گورچاڻي (ن پ ا ) ميرواھ گورچاڻي ڀرسان ڳوٺ ڊاڪٽر راڻو ڪولهي ۾ گهرن کي اوچتو باهه لڳي وئي جنهنڪري ٻن پورهيتن هيمراج ۽ رتو اوڏ جا ڪکاوان گهر سڙي مڪمل طور تي رک ٿي ويا، متاثرن پنهنجي اخبار کي ٻڌايو ته چلھه جي چڻنگ مان اسانجي گهرن کي اچانڪ باھ لڳي وئي ۽ گهرن ۾ پيل اناج، کٽون، ڪپڙا لٽا ،ٻيو سامان سڙي ويو آهي،اسان کليل آسمان هيٺ سخت سردي ۾ بي يارو مددگار ويٺل آهيون هنن وسوارن اعلي عملدارن ۽ چونڊيل نمائندن کان واهر جي اپيل ڪئي آهي.