ميرواھ گورچاڻي (ن پ ا) ميرواھ گورچاڻي ۾ ٽائون ڪاميٽي انتظاميا جي نا اهلي سبب گندگي وڌي وئي آهي، جنهن ڪري شهري سخت مشڪلاتن کي منهن ڏئي رهيا آهن، ان ڏس ۾ مليل معلومات موجب صفائي سٿرائي وارو عملو ڪيتري ئي عرصي کان غائب آهي جنهن ڪري شهر ۾ هر هنڌ گندگي جا ڍير لڳل آهن، شهرين ايڊوڪيٽ رائچند هريجن، مدد علي سمون، وزير عباس گورچاڻي ۽ ٻين چيو ته ٽائون ڪاميٽي انتظاميا جي نااهلي سبب سمورو شهر گندگي جي ور چڙهيل آهي، هنن چيو ته ڪيترائي ڀيرا شڪايتون ڪيون آهن پر ڪو به تدارڪ ناهي ٿيو. هنن مطالبو ڪيو ته صفائي ڪرائي مسئلو حل ڪيو وڃي.