ميرواھ گورچاڻي (ن پ ا) ميرواھ گورچاڻي ۾ نوجوان ڳورهاري عورت مبينا طور ڦاهو کائي آپگهات ڪري ڇڏيو خبر موجب ميرواهه گورچاڻي جي ڀيل ڪالوني ۾ سال اڳ پرڻجي آيل نوجوان ڳورهاري عورت پوڄا زال ديپڪ ڀيل گهر جي ڇت ۾ ڦاهو کائي مبينا طور تي آپگهات ڪري ڇڏيو، اطلاع تي ميرواهه پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش کڻائي ضروري قانوني ڪارروائي لاءِ ميرواهه صحت مرڪز پهچايو، جتان قانوني گهرجون پوريون ڪرڻ بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو، عورت جي وارثن موجب پوڄا جي سال اڳ شادي ٿي هئي ۽ هو اميد سان هئي، هن جو ڦڦي جو مڙس فوت ٿي ويو ته پوڄا چيو ته فوتگي تي مون کي به وٺي هلو، گهر وارن جي منع ڪرڻ تي پوڄا دلبرداشته ٿي ڦاهو کائي آپگهات ڪري ڇڏيو، هوڏانهن پوليس موجب ناري جي وارثن لکي ڏنو آهي ته هو ڪنهن به قسم جي ڪارروائي نٿا ڪرائڻ چاهين، واقعو اتفاقي ٿيو آهي، جڏهن ته عورت جي گهر ۾ ڪھرام متل آهي.