ميرواھه گورچاڻي (ن پ ا) ميرواهه ۾ ايڪتا جا رنگ نروار، علامتي شادي جو ٽيبلوز پيش خبر موجب، ميرواهه جي عبدالله پبلڪ ايليمينٽري اسڪول مصطفي ماڊل ٽائون ۾ ثقافت جي حوالي سان هڪ شاندار پُروقار تقريب منعقد ٿي، جنهن ۾ اسڪول جي شاگردن ۽ شاگردياڻين سنڌي ٽوپي اجرڪ ۽ ثقافتي ڊريس پائي گهوٽ ڪنوار جا علامتي نڪاح جهڙا خاڪا پيش ڪري سنڌ جي ثقافت کي اجاگر ڪيو، جڏھن ته شاگردن ۽ شاگردياڻين ٽيبلوز، خاڪا پيش ڪري واهه واهه ڪرائي ۽ شاعري ٻڌائي خوب داد حاصل ڪيو ۽ قومي گيتن تي به رقص ڪيو ويو، ان موقعي تي اسڪول جي هيڊ عبد الله لانگاهه خطاب ڪندي چيو ته اسان سنڌ جي ثقافت جا وارث آهيون، اسڪولي ٻارڙا به سنڌ جي ثقافت کي اجاگر ڪرڻ لاءِ سنڌي ٽوپي اجرڪ ۽ ڊريس پائي عقيدت جو اظهار ڪري رهيا آهن.