ميرواھه گورچاڻي(ن پ ا) ميرواھه گورچاڻي ۾آئيس نشي تي ضابطو نه اچي سگهيو آهي، آئيس نشو نوجوانن جون زندگيون ڳڙڪائڻ لڳو، ميرواهه جو نوجوان محمد بخش عرف ممديو خاصخيلي ڪافي عرصي کان آئيس واپرائڻ سبب ڪالهه زندگي جي جنگ هارائي ويو، ياد رهي ته گذريل ڪافي سال اڳ نوجوان محمد بخش عرف ممديو خاصخيلي پاڻ به آئيس خلاف مهم هلائي اڏا بند ڪرائڻ جي اپيل ڪئي هئي پر پوليس سندس ڪا به نه ٻڌي جنهن بعد نوجوان پاڻ آئيس جو عادي بڻجي زندگي کي الوداع ڪري ڇڏيو.