ميرواهه گورچاڻي(ن پ ا) ميرواهه گورچاڻي ۾ مير مائنر شاخ تي زرعي پاڻي جي وارهه بندي خلاف ۽ شهر اندر پيئڻ جي پاڻيءَ جي کوٽ خلاف ٽائون ڪاميٽي ميرواهه گورچاڻي جي چيئرمين چوڌري احسان الحق آرائين، وائس چيئرمين هيرالال سٽي صدر پ پ محمد اسحاق گورچاڻي جي هنگامي پريس ڪانفرنس ڪندي الزام مڙهيندي چيو آهي ته آبپاشي کاتي جا عملدار منڍ جي بااثر زميدارن کان ڳري رشوت عيوض غير قانوني طريقي سان پاڻي وڪرو ڪرڻ ۽ غير اعلانيل وارا بندي ڪري رهيا آهن، شهر اندر پيئڻ جي پاڻيءَ جو بحران وڌي ويو آهي، پڇڙي ۾ پاڻي نه پهچڻ سبب ڦٽي، ڪمند ۽ ٻي فصل جي پوکائي نه ٿي سگهي آهي، آبپاشي عملدارن جي نااهلي سبب پاڻي جي کوٽ سبب زمين جي لاءِ پاڻي ته ٺهيو پر هاڻ علائقي اندر ڏڪار واري صورتحال پيدا ٿي وئي آهي، چوپائي مال سميت پيئڻ جو به پاڻي ناهي، هنن گهر ڪندي مطالبو ڪيو ته فوري طور تي پڇڙي تائين پاڻي پهچ کي يقيني بڻائي کي وڌيڪ نقصان کان بچايو وڃي، ٻئي صورت ۾ چوويهه ڪلاڪن کانپوءِ مين ميرواھ گورچاڻي ميرپوخاص روڊ بلاڪ ڪري احتجاجي مظاهرو ڪيو ويندو.