ميرپورخاص (بيورورپورٽ) ميرواهه گورچاڻي ٿاڻي جي حد ٻيلهاڙو اسٽاپ ڀرسان ڳوٺ غلام محمد لغاري جي ٻن ڌرين ۾ نوجوانن پاران پيار جي پرڻي تان ٿيل تڪرار اڃا ختم ناهي ٿي سگهيو. ان ڏس ۾ هڪ ڌر جي منظور علي لغاري گھر ڀاتين سميت پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪرڻ بعد پريس ڪانفرنس ڪندي الزام لڳايو آهي ته سندن مخالف سنڌ ملوڪ لغاري، غلام محمد لغاري ۽ ٻين جو اسلم لغاري سان سڱاوتي تڪرار ھلندڙ آھي، جن سندن گھرن تي ڪاھ ڪري باهيون ڏنيون ۽ فائرنگ ڪئي، جنھن جي نتيجي سندن هڪ عورت نصرت لغاري زخمي ٿي پئي. هنن چيو ته ڄاڻايل جوابدارن کين موتمار ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن. ٻئي طرف تڪرار دوران گوليون لڳڻ سبب زخمي ٿيل غلام محمد ۽ نوجوان سنڌ ملوڪ ميرپورخاص پهچي پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته هنن ٻنهي ڀائرن پيار جو پرڻو ڪيو هو، جنهن تان جوابدار ڌر جي ماڻهن حبيب ۽ عابد مٿن فائرنگ ڪئي، جنهن جي نتيجي ۾ غلام محمد ۽ سندس والد نياز زخمي ٿي پيا. هنن چيو ته جوابدار ڌر جي محمد حسن، هادي بخش، خالد، مير، وسيم، وقار، منظور ۽ علي حسن، عابد ۽ حبيب تي ميرواهه گورچاڻي ٿاڻي تي ڪيس داخل ٿيل آهي پر هڪ بااثر شخصيت جي پٺ ڀرائي سبب پوليس جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ لاءِ تيار ناهي. هنن چيو ته جوابدار ڌر پنهنجي گهرن جي لوڙهن کي پاڻ باهه ڏني ۽ عورت کي چاڪو سان زخمي ڪري ابتو مٿن ڪيس داخل ڪرايو آهي. هنن ڊي آءِ جي ميرپورخاص ۽ ٻين کان مطالبو ڪيو آهي ته معاملي جي اڻڌري جاچ ڪري، ملوث ماڻهن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي.