ميرواهه گورچاڻي (ن پ ا ) ميرواهه گورچاڻي ۾ قتل ڪيس ۾ نامزد 4 جوابدارن جي ڪورٽ گرفتاري کان اڳ عبوري ضمانت منظور، تفصيل موجب، ميرواهه گورچاڻي ڀرسان 6 ڏينهن اڳ يوسي تاجو خاصخيلي جي ڳوٺ شفيع مهاجر ۾ رانگهڙ ۽ ميئو برادري جي ٻن ڌرين ۾ زميني تڪرار تان ٿيل جهيڙي ۾مارجي ويل مقتول علي نواز جي قتل ڪيس ۾ نامزد 4 جوابدارن فرمان رانگهڙ، قربان رانگهڙ، عبدالرحمان رانگهڙ ۽ عارف رانگهڙ پنهنجي وڪيل جي معرفت ڊسٽرڪٽ ۽ شيشن جج کان گرفتاري کان پهرين عبوري ضمانت لاءِ درخواست داخل ڪرائي ته عدالت سڳوري ڪيس ۾ نامزد 4 جوابدارن جي 50، 50 هزار رپين جي مچلڪن عيوض عبوري ضمانت جي منظوري ڏئي ڇڏي ۽ جوابدارن کي پوليس جي جاچ ۾ سهڪار ڪري 8 مئي تي پيش ٿيڻ جو حڪم ڏنو آهي. ميرواهه پوليس قتل ڪيس ۾ نامزد 4 جوابدارن جي عبوري ضمانت منظوري جي تصديق ڪئي آهي.