ميرواھ گورچاڻي(ن پ ا )ميرواھ گورچاڻي جي واٽر سپلائي اسڪيم جي تلاء مان 22 ورهين جي نوجوان جو لاش هٿ آيو آهي پاڙي وارن لاش تلاءُ جي پاڻي ۾ لڙهندو ڏسي ٽائون ڪميٽي ميرواھ گورچاڻي جي چيئرمين ۽ پوليس اسٽيشن ميرواھ گورچاڻي کي اطلاع ڏنو،ان موقعي تي ٽائون چيئرمين ۽ ٽائون آفيسر واقعي واري هنڌ پهچي ميرواھ پوليس کي اطلاع ڪيو، پوليس نوجوان جي لاش کي رورل هيلٿ سينٽر ميرواه گورچاڻي پهچايو. ان بعد هڪ ڏينهن اڳ ميرواھ گورچاڻي ڀرسان ڳوٺ مير الله بچايو ٽالپر مان گم ٿيل نوجوان جي لاش جي سڃاڻپ سندس وارثن 22 ورهين جي دليپ ڪمار ميگھواڙ پٽ نشارام ميگھواڙ طور ٿي ، اسپتال ۾ فوتي نوجوان جي پيءُ نشارام ٻڌايو ته منهنجي پٽ دليپ ڪمار جو ذهني توازن صحيح نه هو جنهن جو حيدرآباد جي گدو اسپتال مان علاج پڻ هلندڙ هو جيڪو گذريل ڏينهن منجهند جو اچانڪ گم ٿي ويو مٽن مائٽن سان پڇا ڳاڇا ڪئي پر هن جو ڏس پتو نه مليو پوء اسان کي شهر ۾ پاڻي جي تلاءَ مان لاش هٿ اچڻ جي ڄاڻ ملي ۽ اسپتال پهچي دليپ ڪمار ميگھواڙ جي سڃاڻپ ڪئي،هن چيو ته اسان جي ڪنهن سان ڪا به دشمني ناهي هي هڪ اتفاقي واقعو پيش آيو آهي جنهنڪري اسان ڪوبه پوسٽ مارٽم ۽ قانوني ڪارروائي ڪرائڻ نٿا چاهيون هوڏانهن ميرواھ گورچاڻي پوليس ضروري قانوني گهرجون پوريون ڪرڻ لاءِ پوسٽ مارٽم لاءِ سول اسپتال ميرپورخاص منتقل ڪيو لاش بعد نوجوان جي لاش کي وارثن حوالي ڪري ڇڏيو