ميرواھه گورچاڻي(ن پ ا) ميرواهه گورچاڻي جي ڳوٺ الله رکيو گورچاڻي مان ايڪسري ڪڍائڻ لاءِ هڪ عورت عربي زال ارشاد ڀوتراڻي آئي ته تعلقي اسپتال جي نائب قاصد ڪاشف راجپوت مبينا طور تي عورت کي ڌکا ڏئي ٻاهر ڪڍي ڇڏيو،اهڙي عمل خلاف عورت جي وارثن اسپتال پهچي احتجاج ڪندي ٻڌايو ته اسپتال جي نائب قاصد ڪاشف عورت تي تشدد ڪري ڌکا ڏيئي ٻاهر ڪڍي ڇڏيو، اسان جي عورت جو ايڪسري ڪڍڻ بجاءِ اسپتال جي نائب قاصد تذليل ڪئي آهي، جيستائين نائب قاصد خلاف قانوني ڪارروائي نه ڪئي ويندي احتجاج جاري رهندو، هوڏانهن اسپتال انتظاميا موجب اسان وٽ ايڪسري جي سهولت نه آهي، نائب قاصد منع ڪئي ته عورت جا وارث مڇرجي پيا جيڪڏهن اسپتال جي نائب قاصد بداخلاقي ڪئي ته قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي ته اسپتال جو ماحول خراب نه ڪيو وڃي.