ڪراچي (نمائندن وٽان)ٺٽي ۾ پ پ شهيد ڀٽو ٺٽو سٽي جي اڳواڻن چاندي خان بروهي ، لالا ساگر شيخ ، بابو احسان ڀٽو ، بشير اڄڻ ، خدا بخش سمون ، پرويز ساٽي ، دوست علي ، گل بقاءَ ، امين بروهي ، بابو ستار ڀٽو ، ثناءَ الله ميمڻ ۽ ٻين پاران سالگره تقريب منعقد ڪئي وئي.  حيدرآباد ۾ پيپلزپارٽي شهيد ڀٽو حيدرآباد پاران مير مرتضيٰ ڀٽو جي سالگرهه جي موقعي تي ٿيلسميا جي ٻارن لاءِ رت جي عطيئي جي ڪئمپ لڳائي وئي. اها ڪئمپ قاسم آباد جي نسيم نگر چوڪ تي لڳائي وئي جتي سوين ماڻهن پهچي رت جا عطيا ڏنا. پ پ شهيد ڀٽو حيدرآباد جي اڳواڻن ارشاد خاصخيلي ۽ ٻين خطاب ڪيو . سکر ۾ پيپلز پارٽي (شھيد ڀٽو) سنڌ پيپلز يوٿ سپاف پاران ٻوڏ ۽ برسات جي تباھڪارين سبب شھيد مير مرتضيٰ ڀٽو جي 68 ھين سالگرهه جتوئي ھائوس بچل شاھ مياڻي سکر ۾ سادگيءَ سان ڪيڪ ڪٽڻ واري رسم ادا ڪئي وئي. اِن موقعي تي  دلمراد جتوئي،  محمد عيدن جتوئي، ياسين جتوئي، حماد الله، ڪفايت ڪلھوڙو ۽ ٻيا اڳواڻ موجود هئا.